SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اڌوريون يا اڻ مڪمل رياستون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اڌوريون يا اڻ مڪمل رياستون

Quasi States

قئاسي اسٽيٽس

پُراڻي نو آبادياتي دور جون اهڙيون رياستون، جن نوآبادتي نظام جي خاتمي کانپوءِ قانوني (Juridical) طريقي سان ته رياستي مرتبو ماڻيو، پر ڪنهن به مهذب رياستي سرشتي جي بنيادي خاصيتن کان واقف نه هُيون. اهڙين رياستن کي بظاهر، رياست- پڻي لاءِ گهُربل معيار ته مُهيا هوندا آهن، يعني اُهي عالمي ادارن کان تسليم ٿيل هونديون آهن، پر سندن سرشتي ۾ سياسي استحڪام، ادارتي اختيار ۽ منظم طاقت (Power) جي اڻاٺ هُجڻ ڪري، اُهي انساني حقن جي بچاءَ ۽ سماجي ڀلائيءَ وارين رخن ۾ ترقي نه ڪري سگهنديون آهن. اهي رياستون اڪثر ڪري دهشتگرديءَ، لڙائيءَ ، ڌارين طرفان اڳرائيءَ، گروهه بنديءَ ۽ آزادي وڃائڻ جي خوف ۾ رهنديون آهن. ٽين دُنيا جا ڪيترا ملڪ اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيئي رهيا آهن. بين الاقوامي تعلقات جي ماهر ’رابرٽ ڪئپلان‘ پنهنجي مشهور مقالي ”The Coming Anarchy“ (1944ع) ۾ اهڙين رياستن جو منطقي انجام ”ناڪام رياست“ جي حوالي سان ڏنو آهي. هيءُ اصطلاح عالمي لاڳاپن جي ماهرن ’بُل‘ ۽ ’واٽسن‘ پنهنجي تصنيف The Expansion Of International Society (1984ع) ۾ ڏنو ۽ بعد ۾ ’رابرٽ ايڇ جيڪسن‘ (1990ع) کيس مشهوري ڏياري


Remember Me Also:

ٻاڙا

اسم خاص. هڪ قوم جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal